پٽيهر ول

پٽيهر ول: هيءَ ٿلهي ڪاٺيءَ سان ڪنڊن واري ول آهي، ول ۾ ٽاريون گهڻيون ٿين ٿيون. ڦَرُ، اڪ جي انبڙين جيان ٿئي، جنهن مان اندران نرم پشم نڪرندي آهي. پن پان جيان، ڪنڊا جانور جي سڱن جيان مُڙيل، گل گلابي ۽ اڇي رنگ تي ڪٽوري جيان ٿينس، جن ۾ هئڊي رنگ جي لغار ٿيندي آهي، هن ول جي پاڙ مان کير نڪري ٿو، جنهن ڪري ان کي ”کير ول“ جو هڪ قسم چيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو